عشقيو شريف (قلمي نسخو)

عشقيو شريف (قلمي نسخو)

عشقيو شريف قلمي نسخو

عشقيو شريف (قلمي نسخو): سنڌي ٻوليءَ ۾ هي لکيل قلمي نسخو ميان عبدالرحيم جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ تصوف جي علم تي تفصيلي بيان ٿيل آهي. هي خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب مسڪين عالي جمالي 1331هه/ 1913ع ۾ لکي مڪمل ڪيو.
شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
“باب اول دربيان فقر... الخ”
پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي:
“...... ڪتاب ناياب بي بها
جلد اول منجهه علم تصوف ۾ جو
نالو جنهن جو عشقيو ميان عبدالرحيم
جو لکجي تيار ٿيو، هٿان ڪاتب
اضعف العباد فقير پر تقصير مسڪين
عالي قوم جمالي ماه مبارڪ ذوالحج مڪرمه
1331هه”
207 صفحن تي مشتمل هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 13 سٽون آهن. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو